محمد بخش شيدي

محمد بخش شيدي

شيدي محمد بخش

شيدي، محمد بخش: هي ناليوارو ملهه پهلوان آهي. هي شهر صوفي فقير، تعلقي عمرڪوٽ جو رهاڪو آهي. هن جو نانو ملهه پهلوان هو، جنهن کي ملهه وڙهندي ڏسي کيس ملهه وڙهڻ جو شوق ٿيو. عارب شيديءَ کان باقاعده ملهه جي تربيت حاصل ڪيائين، جنهن کيس ملهه جا ڪل انگ سيکاري شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌس ۽ ملاکڙن ۾ ملهه وڙهڻ جي اجازت ڏنائين. هي پهريان صوفي صادق جي ميلي تي ۽ علائقي جي ٻين ننڍن وڏن ملاکڙن ۾ ٽئين جوڙ ۾ ملهه وڙهيو ۽ ڪافي انعام حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ محنت ڪري ٻئي جوڙ ۾ داخل ٿيو، ڪجھه سال ٻئي جوڙ ۾ ملهه وڙهڻ کانپوءِ پهرئين جوڙ ۾ شامل ٿيو ۽ سڄي سنڌ جي ملاکڙن ۾ شريڪ ٿي لاڙ ۽ اتر جي مشهور ملهه پهلوانن سان مقابلا ڪري ڪاميابي ماڻيائين. ملهه جي هڪ قدردان صوفي روشن الدين جو مٿس شفقت جو هٿ رهيو، هن وقت وڏي عمر هئڻ ڪري ملهه وڙهڻ ڇڏي چڪو آهي، پر ملهه ڏسڻ جو شوق جاري رکيو اچي ٿو. هن وقت شهر صوفي فقير ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو